پاڪستان

زهريليون گئسون خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان هڪ سيڪڙو به ذميوار ناهي: حنا رباني کر

پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي زهريلي گئسن کي خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ذميوار آهي پر پو به ملڪ موسمياتي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. حنا رباني کر سان نيويارڪ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان دوران مملڪتي وزير حنا رباني کر 55 ملين ڊالر جي امداد ذريعي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ عملدارن جي پاڪستان جو تازو دورو ٻوڏ متاثرن ۽ پاڪستاني عوام لاءِ آمريڪي همدرديءَ جي عڪاسي آهي، ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، پاڪستان کي نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ عالمي برادري پاران ڊگهي مدي واري امداد جي ضرورت پوندي. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي آمريڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ ٻوڏ سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا نئين سر تعمير ۽ بحالي واري عمل ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button