سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

گوگل پاڪستانين کي 15 هزار اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ۽ سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل جي انتظاميا پاڪستانين لا پندرهن (15) هزار اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گوگل سرٽيفڪيٽس تحت نوجوانن کي ڊجيٽل سکيا جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا. ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل طرفان “ان لاڪ پاڪستانز ڊجيٽل پوٽينشل” مشن ذريعي ڪيريئر سرٽيفڪيٽ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن جو مقصدن پاڪستانين کي سکيا جا لچڪدار رستا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي روزگار لا انتهائي گهربل ڊجيٽل مهارتون حاصل ڪري سگهن، گوگل انتظاميا پاڪستان جي ڊجيٽل انڊسٽري کي ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button