ننگرپارڪر: ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو. گذريل ڏينھن ڳوٺ گڊڙو چارڻ ۾ 8 سالن جو معصوم نينگر ارجڻ پٽ شھديو ڪولھي جھنگ ۾ مال چاري رھيو ھو ته مٿس رولو ڪتن حملو ڪري ڏنو، نينگر رڙيون ڪري ھيٺ ڪري پيو ۽ بيھوش ٿي ويو، نينگر جي رڙين تي مائٽ پھچي ويا ۽ کيس بيھوشي واري حالت ۾ ننگرپارڪر اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽرن زخمي ٻارڙي کي مٺي ريفر ڪيو، جتي نينگر فوت ٿي ويو. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نينگر ڪتن جي ڊپ سبب ڪوما ۾ ھليو ويو ۽ فوت ٿي ويو. ٻار جي والد شھديو ٻڌايو ته منھنجو معصوم پٽ ڪتن ماريو. ٻئي طرف ڳوٺاڻن انور ڪنڀار، عبدالرحيم ۽ ٻين ٻڌايو ته رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي، ڪتا روز مال، ھرڻ، سھيڙ ۽ ٻيا جانور ماري کائين ٿا، پر يوسي سيڪريٽري ھر مھيني ايندڙ بجيٽ کائي پيو. هنن گهر ڪئي ته جلد ڪتا مار مهم هلائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close