پاڪستانسنڌ

ڏاهلي جي هڪ ڳوٺ ۾ 5 اسڪول سالن کان بند

ڇاڇرو: ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ رام ترائي ۾ هڪ گرلس پرائمري ۽ 4 پرائمري اسڪول گذريل ڪيترن سالن کان بند پيل آهن، جنهن سبب اسڪولن جون عمارتون زبون ٿي ويون آهن، اسڪول بند هجڻ سبب ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن مير محمد، محمد قاسم، يونس نھڙي، محمد حسن سميجو ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 5 اسڪولن جون عمارتون تعمير ٿيل آهن، پر هڪ به اسڪول ۾ استاد مقرر ناهي، سرڪاري رڪارڊ ۾ استاد مقرر آهن ته اهي اسڪول نٿا اچن. هنن چيو ته 2016ع کان اسان جي ڳوٺ جا سڀ اسڪول بند آهن، ڪيترائي ڀيرا ڏاهلي جي تعليم کاتي جي آفيسرن سميت ڊي اي او ٿرپارڪر ۽ ٻين اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن، پر اڄ ڏينهن تائين درخواستن تي تعليم کاتي جي ڪنهن به عملدار نوٽيس نه ورتو آهي. ڳوٺاڻن صوبائي وزير سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کولي استاد مقرر ڪيا وڃن ته جيئن ٻارن جي تعليم متاثر نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button