اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ هلندڙ هفتي 26 شيون مهانگيون،10 شيون سستيون ٿيون

اسلام آباد:ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ڏهن شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 26 جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. هڪ هفتي ۾ ڏهن شين اگهن لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جن ۾ ڪوڪنگ آئل، گيهه، بصر، ٿوم مڱن جي دال، ٽماٽي ۽ ايل پي جي گهريلو سيلينڊر پڻ شامل آهي. شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽي في ڪلو اگهه ۾ ٻارنهن رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٿوم چار رُپيا 51 پئسا في ڪلو ۽ مڱن جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رُپيا 18 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.انگن اکرن موجب ايل پي جي جو گهريلو سيلنڊر 114 رُپيا 74 پئسا سستو ٿيو، ان کانسواءِ 26 شين جي اٽو، ڪڪڙ ۽ چانهه شامل آهن. شماريات کاتي موجب تازي هفتي دوران پندرنهن شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button