اسلام آبادپاڪستان

نامياري صحافي اياز امير جي پٽ زال کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :اڳوڻي ايم اين اي ۽ نامور صحافي اياز امير جي ننهن جو چڪ شهزاد ڀرسان سندس گهر مان لاش هٿ آيو آھي. پوليس جاچ شروع ڪندي قتل جي الزام هيٺ اياز امير جي پٽ شاهنواز امير کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ سينيئر صحافي ۽ اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي پٽ کي فارم هائوس 46 تان گرفتار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ايم اين اي جي پاڪستاني ڄائي ڪينڊين ننهن جو سندس گهر مان لاش هٿ آيو آھي. پوليس جاچ شروع ڪندي قتل جي الزام هيٺ اياز امير جي پٽ شاهنواز کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار شاهنواز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏهن ته مقتولا سارا جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب مقتولا جي مٿي ۽ ٻانهون تي زخمن جا نشان آهن. عورت ڊاڪٽر سارا جي لاش جو مڪمل معائنو ڪيو، مختلف ايڪسري پڻ ڪيا ويا. پوليس موجب مقتولا جو مڙهه نمونا فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪلڻ کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ مقتولا جي گهرڀاتين سان رابطو ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن گهرڀاتين مان ڪنهن ڪيس داخل نه ڪرائڻ چاهيو ته پوءِ پوليس جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته واردات واري وقت جوابدار نشي ۾ نه پر نارمل حالت ۾ هيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن زال کي ورزش لا استعمال ٿيندڙ ڊرم بيلز سان بيرحماڻو تشدد ڪري قتل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button