عالمي

ايراني صدر مٿو نه ڍڪڻ تي صحافڻ کي انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي مٿو نه ڍڪڻ تي پرڏيهي ميڊيا جي عورت اينڪر کي انٽرويو ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ۾ موجود ايراني صدر آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي اينڪر ڪرسٽين امانپاور کي انٽرويو ڏيڻ لا سندس آڏو اسڪارف پائڻ جو شرط رکيو پر اينڪر طرفان مٿو نه ڍڪڻ تي ايراني صدر انٽرويو ڏيڻ ئي نه آيو. سي اين اين جي مقبول اينڪر ڪرسٽين امانپاور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جڏهن هوءَ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتي ته کيس انٽرويو کان اڳ اسڪارف پائڻ لاءِ چيو ويو. هن لکيو ته مون ايراني صدر جو اهو شرط احترام سان رد ڪندي ٻڌايو ته اسان هن وقت نيويارڪ ۾ آهيون جتي مٿو ڍڪڻ جو نه ڪلچر آهي ۽ نه ئي قانون موجود آهي. ڪرسٽين امانپاور چيو ته ايران کان ٻاهر ڪنهن به ايراني صدر ڪڏهن به انٽرويو ۾ مٿو ڍڪڻ جو مطالبو ناهي ڪيو، جنهن تي مون چيو ته هوءَ اهڙي غير معمولي ۽ اوچتي عمل جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي ۽ مان ان لا ذهني طور تيار نٿي ٿي سگهان. هن ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ تصوير به شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ اسڪارف کانسوا ويٺل آهي، جڏهن ته سامهون واري ٻي ڪرسي جتي ايراني صدر کي پهچڻو هو، اها خالي پيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button