گڏيل قومن جي سيٽلائيٽ سينٽر جي جائزي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ بعد سنڌ جا 8 ضلعا، بلوچستان جا 2 ۽ پنجاب جي هڪ ضلعي ۾ پاڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي انساني امداد بابت رابطا آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ 8 کان 14 سيپٽمبر جي سيٽلائيٽ ڊيٽا جي 15 کان 21 سيپٽمبر واري ڊيٽا سان ڀيٽ ڪئي وئي، جنهن مطابق سنڌ جي ضلعن ڄامشورو، ٺٽو، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سجاول ۽ ڪراچي جي ضلعي ملير، جڏهن ته بلوچستان جي گوادر ۽ لسٻيلو ۽ پنجاب جي هڪ ضلعي ۾ هفتو اڳ جي ڀيٽ ۾ هلندڙ هفتي پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٻوڏ جو پاڻي لهي ويو آهي. رپورٽ مطابق ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ ڪري متاثر علائقن ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايندڙ سياري ۾ متاثر آبادي ۽ بي گهر ماڻهن کي مدد جي شديد ضرورت هوندي. ٻئي طرف ٻوڏ متاثرن ۾ ٽائيفائيڊ، ڊائريا ۽ مليريا جهڙين بيمارين جي منهن ڪڍڻ جو خدشو آهي، ڪيترائي ماڻهو عارضي پناهگاهن ۾ غير مناسب ۽ صحت لا نقصانڪار حالتن ۾ رهڻ تي مجبور آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close