پاڪستان

ڊار جي واپسي ڊيل جو نتيجو، اڃا ٻيون آڊيو ليڪس به اينديون:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسحاق ڊار جي وطن واپسي ڊيل جو نتيجو آهي، انتظار ڪريو، آڊيو ليڪ جون ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا ٻيون قسطون به سامهون اينديون، مريم نواز جي هڪ ٻي آڊيو مون بابت آهي. لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪس ذريعي خبر پئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر شريف خاندان جو نوڪر آهي، هو نواز شريف کي چئي رهيو آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيندس. هن چيو ته معيشت بچائڻ لاءِ ڏيهه واپس ايندڙ اسحاق ڊار اسان جي دور ۾ ٻاهر نه ويو هو، هو وزيراعظم جي جهاز ۾ چڙهي تي پرڏيهه ويو هو، خبر ناهي اسحاق ڊار 3 سالن کان لنڊن ۾ ڪهڙو علاج ڪرائي رهيو هو. هاڻي هڪ معاهدي تحت واپس اچي رهيو آهي، هتي چورن کي اين آر آو ڏنو ويندو آهي. عمران خان چيو ته ڀارت جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ 140 ارب آهي ۽ اسان جي دور ۾ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ رڪارڊ 32 ارب ايڪسپورٽ ٿي، اسان آءِ ٽي سيڪٽر کي ٽئڪس کان ڇوٽ ڏني، جڏهن به ٻيهر حڪومت ۾ آياسين ته اسٽارٽ اپس ۽ آءِ ٽي سيڪٽر کي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏينداسين، هينئر قوم بدترين مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ڪابينا ميمبر ايندي ئي پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۾لڳي ويا آهن، اسان روس کان سستو تيل ۽ سستي ڪڻڪ وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪري آيا هئاسين، هي ماڻهو پاڪستان ايندا آهن ۽ پئسو لُٽي ٻاهر هليا ويندا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪمشنر شريف خاندان جي گهر جو نوڪر آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿئي ها پر نواز شريف ۽ آصف زرداري جي چوڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ملڪ ۾ اي وي ايم سسٽم نه آڻڻ ڏنو. هن چيو ته هڪ ٻي آڊيو اچڻ واري آهي جنهن ۾ مريم نواز پنهنجي پيءَ کي چئي رهي آهي ته ڳڻتي نه ڪريو، اليڪشن ڪميشن توشا خانا ۾ عمران خان کي نااهل ڪرڻ واري آهي، پيءُ ملڪ کان ٻاهر ويٺو آهي ۽ پٽ چون ٿا ته اسان پاڪستاني شهري ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته تازين آڊيو ليڪس بعد منجهن ٿورو به شرم ۽ حياءَ هجي ته استعيفا ڏئي ڇڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button