پاڪستان

وزيراعظم هائوس مان ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي جي آئي ٽي قائم، قومي سلامتي جو اجلاس به طلب

وزيراعظم هائوس مان ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ لا حڪومت گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آ ٽي) جوڙي ڇڏي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي حساس معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آ ٽي) ۾ حساس ادارن جو هڪ هڪ نمائندو شامل ڪيو ويو آهي. جي آ ٽي ان ڳالهه جي جاچ ڪندي ته آ ٽي ڊيٽا کي ڪيئن هيڪ ڪيو ويو، جي آ ٽي کي اهو اختيار حاصل هوندو ته وزيراعظم هائوس جي عملي کي به جاچ ۾ شامل ڪري پڇا ڳاڇا ڪري سگهندي، ذريعن موجب اها به جاچ ڪئي ويندي ته وزيراعظم هائوس ۾ ڪا ڊيوائس لڳائي وئي يا موبائيل فون ذريعي رڪارڊنگ ڪئي وئي، جي آ ٽيم جائزو وٺندي ته واقعي وقت ڪهڙا ڪهڙا آفيسر وزيراعظم هائوس ۾ موجود هئا، ان سلسلي ۾ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڊيوٽي تي مقرر اسپيشل برانچ (آ بي) جي اهلڪارن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. آڊيو ليڪس منظرعام تي اچڻ بعد وزيراعظم هائوس ۽ آفيس تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن جي چرپر کي محدود ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم هائوس سميت اهم جاين تي ڳجهي رڪارڊنگ جي اهم معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي اربع تي پي ايم هائوس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا سربراهه پڻ شرڪت ڪندا. آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه ڳجهي رڪارڊنگ بابت قومي سلامتي ڪميٽي کي آگاهه ڪندا. اجلاس ۾ بچاءُ وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير پڻ شريڪ ٿيندا. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ان حوالي سان چئي چڪو آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد اهو پتو پوندو ته وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي ڀڃڪڙي ٿي يا نه، في الحال ان معاملي کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button