سنڌ

ڏوڪري ويجهو برسات متاثرن جي علاج جي طبي ڪئمپ

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ اقبال ممڻاڻي ۾ برسات متاثر مريضن جي مفت علاج لاءِ هڪ روزه طبي مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي. ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر شاڪر قريشي، ڊاڪٽر سھيل سرڪي، ڊاڪٽر عبدالخالق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 300 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون، ڪيمپ ۾ مريضن جي مختلف بيمارين جون ٽيسٽون ڪري گيسٽرو، مليريا سميت دوائون ڏنيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ ڊزاسٽر رليف ڪيمپين ۽ سنڌ ايجوڪيشن الائنس جي سربراهه جنيد ڏھر جي سهڪار سان برسات متاثرن جي علاج لاءِ هڪ روزا طبي مفت ڪيمپ نوجوان سماجي شخصيت حفيظ پيرزادو ۽ شعور پيرزادو جي نگراني ۾ منعقد ڪئي وئي، ميڍيڪل ڪيمپ ۾ 300 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪري مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button