سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

حيدرآباد ۾ آن لائين اسڪل سيکارڻ جي شروعات، ڊجيٽل سنڌ جوڙڻ چاهيون ٿا: شاهد اقبال سمون

حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي نوجوانن کي ايمازون بزنس جا مختلف اسڪل ۽ گر سيکارڻ لا خانگي اداري طرفان تربيتي پروگرام شروع ڪرايو ويو آهي. حيدرآباد جي آٽو ڀان روڊ تي نوجوان شاهد اقبال سمون جي قائم ڪيل ايمازونڪس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ ترببيتي پروگرام جو پروفيسر ابو ساجد سمون باضابطا افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ايمازون بزنس جا اسڪل سکڻ جي خواهشمند نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام کي خطاب ڪندي ابو ساجد سمون ۽ شاهد اقبال سمون چيو ته آن لائن بزنس جي دنيا ۾ پاڪستاني نوجوان به هاڻي ڪنهن کان پوئتي نه آهن، مجموعي طور پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ايمازون جا مختلف اسڪل سکڻ ۽ پنهنجي سروس ڏيڻ واري ڪم کي سمجهڻ ۽ سکڻ جو سلسلو ڪافي عرصي کان شروع ٿي چڪو آهي پر سنڌ ۾ ان ڳالهه جي گهٽتائي ڏٺي وئي، سوا ڪراچي جي ٻين شهرن ۾ اڃا تائين اڪثر ماڻهو آن لائن ڪم ڪار يا ايمازون جي الف ب کان به واقف نه آهن. هنن چيو ته سنڌ جي اهڙن ئي نوجوانن کي ايمازون جا اسڪل سيکارڻ لا حيدرآباد ۾ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي، اسان جو مقصد ڊجيٽل سنڌ جوڙڻ آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته نوجوان پنهنجو وقت وڃائڻ يا نوڪرين پٺيان ڌڪا کائڻ بدران آن لائن بزنس جا گر سکن ۽ سروس فراهم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button