سنڌ

قمبر ۾ گئس جي بندش خلاف شهرين جو گئس آفيس اڳيان ڌرڻو

قمبر ۾ گئس جي بندش خلاف شهرين گئس آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زاهد حسين بروهي، قلندر بخش ناگراج، جاويد بروهي، قربان علي ڀٽو، عبدالرزاق بروهي، محمد بخش ناگراج ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر جي ڪيترن محلن ۾ گذريل ٽن مهينن کان گئس بلڪل بند آهي، گئس آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر گئس انتظاميا سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي. جڏهن ته اسانجي تعلقي قمبر مان ڪروڙين رپين جو گئس ۽ تيل نڪري ٿو پر اسان کي ڪا سهولت ناهي. ھنن چيو گهرن ۾ گئس نه هجڻ ڪري کاڌي پيتي رڌ پچا ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. جڏهن ته برسات کانپوءِ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا به اڻلڀ ٿي ويا آهن. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گئس ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button