عالمي

چين ۾ ريسٽورنٽ کي باهه لڳي وئي، 17 ڄڻا سڙي فوت

چين جي شهر چانگچن ۾ ريسٽورنٽ کي باهه لڳڻ ڪري 17 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ريسٽورنٽ ۾ باهه لڳڻ جو واقعو مقامي وقت مطابق رات 12 لڳي 40 تي پيش آيو، جنهن بعد امدادي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ منجهند جو 3 وڳي تائين ڳولا ۽ بچاءَ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو، حادثي جي زخمين ۽ فوتين جا لاش ويجهي اسپتال منتقل ڪيا ويا. واقعي جا سبب ڄاڻڻ بابت جاچ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button