پاڪستانسنڌ

ننڍي چونڊ مڪاني چونڊن جي ٽيسٽ اليڪشن ثابت ٿيندي: سعيد غني

ڪراچي: پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آڪٽوبر جي ننڍي چونڊ اسان جي لاءِ مڪاني چونڊن جي ٽيسٽ چونڊ ثابت ٿيندي اين اي 239 ۾ 340 پولنگ اسٽيشن تي هرهڪ پولنگ اسٽيشن تي انچارج بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه تڪ اين اي 239 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪوٺايل اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جو صدر جاويد شيخ، انفارميشن سيڪريٽري جاني ميمڻ، اين اي 239 جو اميدوار سيد عمران حيدر عابدي، پيپلزپارٽي شاهه فيصل ڪالوني ۽ ماڊل ٽائون جي يوسيز جا صدر، جنرل سيڪريٽريز ۽ انفارميشن سيڪريٽريز انهن يوسيز جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جا چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز جا اميدوار ۽ ٻيا عهديدار موجود هئا. سعيد غني چيو ته سمورين يوسيز جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز هن ننڍي اليڪشن کي پنهنجي مڪاني چونڊن جو ٽرائيل سمجهي ان تي ڪم ڪن. هن چيو ته 16 اڪٽوبر جي ننڍي چونڊ اسان جي لاءِ مڪاني چونڊن جي ٽيسٽ اليڪشن ثابت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button