اسلام آبادپاڪستان

مريم جو بري ٿيڻ سياسي انتقام جي منهن تي چماٽ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف مريم نوازشريف ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جون سزائون ڪالعدم ٿيڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته مريم نواز جو بري ٿيڻ هن سياسي انتقام جي منهن تي چماٽ آهي، جنهن ذريعي شريف خاندان کي نشانو بڻايو ويو. اميد آهي ته منهنجي ليڊر نوازشريف جي خلاف جج ارشد ملڪ مرحوم جي شاهدي تي انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مريم نواز جي بري ٿيڻ تي قائد نوازشريف کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڌيءَ مريم ۽ پٽ صفدر کي آخرڪار انصاف مليو. الله تعاليٰ جي حضور اسان جا سر شڪر جي احساس سان جهڪيل آهن ته الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو. هن چيو ته سياسي انتقام جو هڪ ڪارو دور اڄ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. مريم نوازشريف ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر بهادري، صبر ۽ ثابت قدمي سان ڏکين حالتن کي منهن ڏنو. هن چيو ته عدالتي فيصلي سان ڪوڙ، بهتان ۽ ڪردارڪشي جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن ۽ ٻين متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ وزيراعظم کانسواءِ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم، وفاقي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروع ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي طور هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button