گولاڙچي ۾ سارين جو اگھه گهٽ ملڻ، ناجائز ڪٽوتي ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگارن اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب بدين – سجاول ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيهي ويون. ڌرڻي ۾ آبادگارن ثنا الله نظاماڻي، ڏاڏا منير سهتو، غلام حيدر شاهه، ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور، جي يو آ جي فتح محمد مهيري، جسقم آريسر جي اسماعيل نوتڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪارخانيدارن جي هڪ هٽي قائم آهي، 2019ع ۾ به ساريون 1400 روپيا مڻ هيون ته اڄ به ساريون انهي اگھه ۾ خريد ڪن ٿا. جڏهن ته 60 ڪلو سارين جي ٻوري تي 8 کان 10 ڪلو ڪٽوتي ڪن ٿا. هنن چيو ته اسان جو مڻ 40 ڪلو ۾ ورتو وڃي ۽ سندس مڻ 35 ڪلو ۾ ڏنو وڃي ٿو سال 2-2 رائيس ملون ٺهرائين ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close