اسلام آبادپاڪستان

اسان گٽر به نٿا ٺاهي سگهون،ملڪ کي ڪٿي پهچايو ويو آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته حالت اها آهي جو اسان هاڻ گٽر به نٿا ٺاهي سگهون، خبر ناهي ملڪ کي ڪٿي پهچايو ويو آهي. ڪالهه چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ سرڪاري ايراضي تي قائم پيٽرول پمپن جي ليز بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس فيصل آباد جي ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته حددخلين جي حوالي سان توهان ڪهڙو ڪم ڪيو، توهان ته ماسٽر پلان تائين نه جمع ڪرايو، توهان 10 تصويرون موڪلي ڇڏيون آهن، سڄي زندگي توهان وقت ئي وٺندا رهيا آهيو. توهان نقشو ئي نه ٺاهي سگهيا آهيو، توهان مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. هاڻ ته گوگل تان هڪ منٽ ۾ سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي، ڊرون تصويرن سان هڪ هڪ گهر جي خبر پئجي ويندي آهي. ڊي جي فيصل آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي سان ڳالهائڻ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان ڊي جي ايف ڊي اي آهيو، توهان کي پنهنجي ڪم جي خبر آهي؟ توهان جي ذهن ۾ ڪجهه آهي ته ڇا ڪرڻو آهي؟ حالت اها آهي ته اسان گٽر به نٿا ٺاهي سگهون، خبر ناهي ملڪ کي ڪٿي پهچايو ويو آهي. اسان جا ٽائون پلانر ملڪ ڇڏي ٽورنٽو ۽ يورپ وڃي چڪا آهن، جنهن جي جيئن دل چئي ٿي، تيئن اڏاوت ڪري ٿو ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button