خيبرپختونخوا

چمن وٽ پاڪ افغان سرحد کي مهيني کانپو کوليو ويو

پاڪ افغان سرحد چمن کي هڪ مهيني کان پوءِ اچ وڃ ۽ واپار جي لاءِ کوليو ويو. باب دوستي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ کوليو ويو آهي. بلوچستان جي علائقي چمن ۾ پاڪ افغان سرحد باب دوستي کي اچ وڃ جي لاءِ کوليو ويو. جيڪو پاڪستان ۽ افغان اختيارين وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ کوليو ويو آهي. سرحد اختيارين موجب بارڊ کولڻ کان پوءِ سرحد تي رکيل سموريون رنڊڪون هٽائي آفيس عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. باب دوستي واپار جي لاءِ 24 ڪلاڪ جڏهن ته پنڌ اچ وڃ جي لاءِ صبح جو 7 کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندو. چمن بارڊر تان پنڌ اچ وڃ وارا افغان شهري سڃاڻپ دستاويزن تي پاڪستان اچي سگهندا. جڏهن ته افغان مريض بنا ڪنهن دستاويزن جي انٽري ڪرائي پاڪستان ايندا. ياد رهي ته افغان اختيارين واپار ۽ اچ وڃ جي طريقيڪار تي اختلافن سبب 5 آڪٽوبر کان باب دوستي کي بند ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button