رانديون

نميبيا کي شڪست، پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

آ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي گروپ 2 جي ميچ ۾ پاڪستان نميبيا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. 190 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون، ڊيوڊ ويزي 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ابوظهبي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون. محمد رضوان 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 70 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. محمد حفيظ ناقابل شڪست 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ان کان اڳ فخر زمان 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. نميبيا طرفان ڊيوڊ ويسا ۽ جين فريلنڪ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم 3 ميچن ۾ 3 ڪاميابيون ماڻي ناقابل شڪست آهي. پاڪستان جي 190 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نميبيا جي پهرين وڪيٽ 8 رنسن تي ڪري پئي. مائيڪ وان 4 رنسون ٺاهي حسن علي جي بال تي بولڊ ٿي ويو. نميبيا جو اسڪور 55 رنسن تي پهتو ته اسٽيفن بارڊ 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. نميبيا جي ٽئين وڪيٽ 83 رنسن تي ڪري، ڪپتان اراسمس 15 رنسون ٺاهي عماد وسيم جو شڪار بڻيو جڏهن ته ڪريگ وليمز 40 رنسون ٺاهي شاداب جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button