اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم وزيرن کي ڪالعدم جماعت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان وزيرن کي ڪالعدم جماعت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ امن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم وچ ۾ ٿيل معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جڏهن ته وزيراعظم وزيرن کي ڪالعدم جماعت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهريان دشمن غيرذميواراڻن بيانن مان فائدو وٺندا آهن. ان ڪري مذهبي معاملن ۽ حساس اشوز تي بيان ڏيڻ ۾ احتياط ڪيو وڃي. ذريعن موجب اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري جي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس واري معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ايندڙ پيشي تي سڀني وزيرن کي اعظم سواتي سان اليڪشن ڪميشن وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وزير ٻڌي جو مظاهرو ڪن ڇو ته ٻڌي ۾ طاقت آهي ۽ دليري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي، سڌارا آڻڻ سولو نه آهي ڏکيائيون اينديون آهن جنهن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button