اسلام آبادپاڪستان

هائوسنگ سوسائٽين لاءِ زمين وٺڻ جو حڪومتي اختيار ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ادارن کي پلاٽن جي ورهاست تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کان زمين وٺڻ جو وفاقي حڪومت جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ رهائشي پلاٽن جي منصفاڻي ورڇ بابت حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي، حڪومت طرفان پراپرٽي لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڪالهه سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کان زمين وٺي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون ويون، هاڻ وفاقي حڪومت لينڊ ايڪوزيشن نه ڪري سگهندي. ڪو سبب ناهي ته ماڻهن کان زمين وٺي سوسائٽي ٺاهي وڃي. وزيراعظم پنهنجو صوابديدي فنڊ خرچ نه ڪيو، هن وزيراعظم پيڪيج ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ادارن کي پلاٽن جي ورهاست تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کان زمين وٺڻ جو حڪومت جو اختيار ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ رهائشي پلاٽن جي منصفاڻي ورڇ بابت حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي، حڪومت طرفان پراپرٽي لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ، خزانا ۽ هائوسنگ وزارتن تي ٻڌل هوندي، اها هڪ پاليسي جوڙيندي، جيئن دفاعي ادارا آهن، ان ۾ آفيسرن کي نظام تحت پلاٽ ملندا آهن پر بيوروڪريسي ۾ اهڙو نظام ناهي، ڪميٽي ان جو جائزو وٺندي ۽ ڊفينس جي جيڪا پاليسي آهي، ان کي انڪارپوريٽ ڪنداسين ۽ هائوسنگ جي الاٽمينٽ منظم طريقي سان ڪئي ويندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، سنڌ حڪومت کان اگهه ڪنٽرول نه پيا ٿين، ان کي انتظامي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلاول مهانگائي خلاف جلوس ڪڍي ته وزيراعليٰ هائوس سنڌ اڳيان به احتجاج ڪري، سنڌ ۾ مهانگائي تي عوام تڪليف ۾ آهي. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن جي خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ جو جائزو پيش ڪيو ويو، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ شيون سستيون آهن. پيٽروليم اسمن جا اگهه به پاڪستان ۾ خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ آهن. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عوامي ماڻهو نه پر سازشي ماڻهو آهي، ڊيرا غازي خان جلسي ۾ شهبازشريف کي جيڪو ريسپانس مليو آهي کيس انهيءَ رات واپس اچڻ گهرجي ها. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم چونڊ سڌارن تي اتحادي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. موجوده حڪومت چونڊ سڌارن جي حوالي سان پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button