رانديون

ڪوهلي وانگر ڇڪا هڻڻ لا وزن وڌڻ ڪابه معنيٰ نٿو رکي: افغان ڪرڪيٽر محمد شهزاد

ٍشارجا: افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر محمد شهزاد جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي وانگر ڇڪا هڻڻ لا وزن جو وڌڻ ڪابه معنيٰ نٿو رکي.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ محمد شهزاد چيو ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي وانگر ڇڪا هڻڻ لاءِ وزن گهٽائڻ جي ضرورت ناهي. محمد شهزاد جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ سندس فٽنيس سسٽم ويرات ڪوهلي وانگر پرفيڪٽ ناهي پر سندس راند ڪوهلي وانگر پرفيڪٽ ضرور آهي.

افغان ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته اسان فٽنس جو پورو خيال رکون ٿا ۽ سٺو کاڌو به کائون ٿا، جيڪڏهن توهان ڪوهلي وانگر فٽنس روٽين چاهيو ٿا ته اهو ناممڪن آهي پر منهنجي راند به هن کان گهٽ ناهي.

جلال آباد سان تعلق رکندڙ محمد شهزاد وڌيڪ چيو ته جيترو ڪوهلي ڇڪيندو آهي، مان ان کان وڌيڪ ڇڪا لڳائي سگهان ٿو، پوءِ مون کي هن وانگر ڊائٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button