اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪري ٻيلا پوکيا وڃن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪندي ٻيلا پوکيا وڃن. خيبر پختونخوا جي ٻيلي کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي ميڊيا جون رپورٽون ڏيکاري اسان کي متاثر نه ڪيو. سڄو پشاور شهر اجڙيل آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ وڻڪاري بابت ڪيس جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ شنوائي ٿي. ان دوران چيف جسٽس خيبر پختونخوا جي ٻيلي کاتي سيڪريٽري جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو نه ان جا وارنٽ ڪڍي ڇڏيون. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪي پي ۾ مارگلا جي جبلن تي هوٽل ۽ ريسٽ هائوس ٺهي ويا آهن، وڻ وڍي نيشنل پارڪ ۾ اڏاوتون ڪيون پيون وڃن. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته مارگلا هلز نيشنل پارڪ آهي، اتي اڏاوتون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي عدالت کي ٻڌايو ته مارگلا هلز جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪنداسين، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته جيڪي جبل الاٽ ڪري چڪا آهيون، انهن جو ڇا ڪندئو؟ چيف جسٽس چيو ته ڪمراٽ، سوات ۽ نٿيا گلي ۾ وڻ وڍجي چڪا آهن، ٻيلي کاتي جوي ٽمبر جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، گهرن ۾ ڊليوري پهچي ويندي آهي. ٻيلي کاتي جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ڪي پي ۾ 19 ڪروڙ وڻ لڳي چڪا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي پرڏيهي ميڊيا جون رپورٽون ڏيکاري متاثر نه ڪيو. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته 19 ڪروڙ وڻ لڳي وڃن ته سڄي صوبي ۾ ساوڪ ٿي ويندي، چيف جسٽس چيو ته سڄو پشاور شهر اجڙيل آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته 19 ڪروڙ وڻن لاءِ ٻوٽا ڪٿان آيا؟ جنهن تي ٻيلي کاتي چيو ته زمين تي ٻج ڇٽي وڻ پوکيا ويندا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٻج ڇٽي سڄو ڪم الله جي حوالي ڪيو ويندو آهي. عدالت جي پڇاڻي تي ٻيلي کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ ۾ 27 لک ايڪڙ ايراضي تي ٻيلا آهن، 10 ملين سونامي ۾ سنڌ ۾ 3 ارب وڻ پوکيا پيا وڃن، سنڌ ۾ 57 ڪروڙ وڻ لڳي چڪا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا مون کي نٿو لڳي ته سنڌ حڪومت وڻن تي ڪو پئسو خرچ ڪيو آهي. جيڪڏهن وڻن تي 2 هزار 323 ملين خرچ ڪيا وڃن ها ته سڄي سنڌ سرسبز هجي ها، سنڌ ۾ جيڪو ٻوٽو لڳندو آهي، اهو ٻڪري کائي ويندي آهي، ڪراچي کان ٺٽي تائين وڃو، سڀني ٻيلن جي زمينن تي حددخليون آهن، سنڌ ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪندي ٻيلا پوکيا وڃن. سپريم ڪورٽ ايندڙ شنوائي تي ٻيلي کاتي جي سڀني سيڪريٽرين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جڏهن ته صوبائي سيڪريٽرين کي هڪ مهيني ۾ وڻڪاري مهم بابت رپورٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي شنوائي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button