اسلام آبادپاڪستان

نادرا اسٽيٽ بئنڪ جي ڪروڙن جي مسواڙ جي قرضي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ جي اسلام آباد واري بلڊنگ جي مسواڙ جي مد ۾ نادرا ڪروڙين رپين جي قرضي ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه
اياز صادق جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو جائزي ۽ عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي اسلام آباد بلڊنگ جي مسواڙ ۾ مد ۾ نادرا ڪروڙين رپين جي قرضي آهي. اسٽيٽ بئنڪ اختيارين ٻڌايو ته نادرا ۽ هڪ ٻئي اداري کي مجموعي طور تي 4 ڪروڙ مسواڙ ادا ڪرڻي هئي، جنهن ۾ نادرا اڃا تائين ادائيگي نه پئي ڪري. نادرا وارا چئي رهيا آهن جڏهن بورڊ ٺهندو، تڏهن ان تي فيصلو ٿيندو. اياز صادق چيو ته بورڊ جو مطلب ته جڏهن کين مسواڙ ڏيڻي آهي مسواڙ وٺو، نادرا وارا چون ٿا اسان کي ته وزيراعظم اها بلڊنگ ايلوڪيٽ ڪئي هئي. ڪنوينئر ڪميٽي هدايت ڪئي ته نادرا کي بورڊ ۾ اهو مسئلو کڻي وڃڻ جي ضرورت ناهي، نادرا مسواڙ ڏئي.
نادرا قرضي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button