پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جا 6 سيڪڙو تائين ڊيلرز مارجن وڌائڻ تي راضي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جا 6 سيڪڙو تائين ڊيلرز مارجن وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن وچ ۾ معاملا طئي ٿيڻ بعد ملڪ ۾ پيٽرول پمپس جي بندش وارو خطرو ٽري ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه پيٽروليم واري وزارت اسلام آباد ۾ حڪومت طرفان پيٽروليم واري وزير حماد اظهر، سيڪريٽري، ڊي جي آئل ۽ چيئرمين اوگرا پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. 6 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڳالهين ۾ حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جا 6 سيڪڙو تائين ڊيلرز مارجن وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ڊيلرز مارجن وڌائڻ واري فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پيٽروليم واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪابينا ۽ اي سي سي سان ڊيلرز مارجن ۾ اضافي جي منظوري وٺي ڊيلرز کي آگاهي ڏيندي. جڏهن ته ڊيلرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو چوڻ هو ته عارضي طور تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو آهي. پنج نومبر تي هاڻ هڙتال نه ٿيندي پر جيڪڏهن حڪومت 17 نومبر تائين پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪرايو ته 20 نومبر کان سموري ملڪ ۾ اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ هڙتال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button