اسلام آبادپاڪستان

شفقت محمود سان ورلڊ بئنڪ جي وفد جي ملاقات،منصوبن تي ڳالهيون

اسلام آباد : تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود ورلڊ بئنڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تعليم جي وزارت ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ هلندڙ منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. تعليم جي وفاقي وزير ورلڊ بئنڪ جي ايڪسيليريٽر ڪنٽري پروگرام لاءِ پاڪستان کي چونڊڻ تي عالمي بئنڪ جو ٿورو مڃيندي چيو ته اسان ايڪسيليٽريٽر ڪنٽري پروگرام جو حصو بڻجڻ تي خوش آهيون. هن پروگرام سان پاڪستان ٻين ملڪن لاءِ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جو تعليم جي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ 19 وبا دوران تعليم جي وفاقي وزارت سمورن صوبن لاءِ ليڊرشپ ڪردار ادا ڪيو، 18هين ترميم جي باوجود صوبن وچ ۾ موثر رابطو ڪيو. هن چيو ته وبا جي ڪري کوڙ سارا چئلينجز هئا جن ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو پهرين نمبر تي آهي پر سمورن صوبن کي گڏ کڻي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪرڻ سڀني تعليم جي وزيرن جي ڪانفرنس وڏي ڪاميابي هئي. عالمي بئنڪ جي وفد وفاقي تعليم واري وزارت جي تڪڙن قدمن کي ساراهيو ۽ صوبن سان بهتر رابطا ڪرڻ تي وفاقي وزير شفقت محمود جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button