اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري جي وڌيڪ ريفرنسز ۾ آزادي جي اپيل،نيب کي نوٽيس

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيسن جي وڌيڪ ريفرنسز ۾ آزادي جي درخواست داخل ڪئي آهي. آصف زرداري پارڪ لين، ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بري ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. آصف علي زرداري ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ به آزادي جي اپيل ڪئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت آصف زرداري جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس ڏيندي جواب طلب ڪري ورتو. نيب موقف اختيار ڪيو ته ٽئين نيب ترميمي آرڊيننس جو گزيٽ نوٽيفڪيشن ناهي مليو. احتساب عدالت جي جج چيو ته نئين آرڊيننس جو گزيٽ نوٽيفڪيشن نه ٿيڻ سان اسان جو ڪم گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. هن کان اڳ توشا خانا ريفرنس ۾ آصف علي زرداري آزادي جي درخواست داخل ڪري چڪو آهي. نيب جواب ۾ توشا خانا ريفرنس ۾ آصف علي زرداري جي بريت رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، 8 ارب رپين جي شڪي ٽرازيڪشن ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منع نامو ڏئي ڇڏيو آهي. آصف زرداري احتساب عدالت جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. عدالت آصف زرداري جي درخواست تي نيب کان 18 نومبر تائين جواب گهري ورتو، جنهن کان پوءِ ڪيس جي شنوائي 18 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button