اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کڻندي وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اربع تي وزيراعطم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اورسيز پاڪستانين لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيو وڃي. وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خاص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. وزيراعطم جي هدايت تي وزيراعظم ڊليوري يونٽ جي لاڳواپيل وزارتن کي هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم ٻڌايو ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ نه هوندا، وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪن. خط ۾ چيو ويو ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. وفاقي ادارا سهولت ڏيڻ بابت سڌ لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار وزارت کي ڄاڻ فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس مطابق اپائن جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ پيش ايندڙ مسئلا حل ڪرڻ آهي. وزيراعطم آفيس مطابق سمورا ڊويزنز 21 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button