پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو نئون طوفان،گيهه ٻيهر 38 رپيا ۽ تيل 33 رپيا في ڪلو مهانگو

اسلام آباد: اسٽورن تي برانڊيڊ گيهه ۽ تيل جي في ڪلو پيڪيٽ تي 38 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گيهه ۽ آئل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تحت برانڊيڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 38 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گيهه جو في ڪلو پيڪيٽ 392 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت في ڪلو آئل جي قيمت 33 رپيا وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ برانڊيڊ آئل جي في ڪلو قيمت 355 رپين مان وڌي 388 رپيا ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب 5 ڪلو واري برانڊيڊ گيهه جي دٻي جي قيمت ۾ 187 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قيمت هاڻ 1795 رپين مان وڌي 1982 رپيا ٿي وئي آهي. واضح رهي ته حڪومت صرف 17 ڏينهن اڳ ئي 15 آڪٽوبر تي مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 40 کان 1090 رپين جو اضافو ڪيو هو ۽ يوٽيليليٽي اسٽورز تي ملندڙ ڊالڊا گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 109 رپيا ۽ 10 لٽر ڪين ۾ 1090 رپين وڌائي وئي هئي، جنهن کان پوءِ ڊالڊا گيهه جو 10 لٽر وارو ڪين 2500 روپين مان وڌي 3590 رپين جو ٿي ويو هو. اهڙي طرح ميزان گيهه جي 10 لٽر ٽين جي قيمت ۾ 475 رپين جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ميزان گيهه جي 10 لٽر ٽين جي قيمت 2885 مان وڌائي 3360 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. يوٽيليٽي اسٽورز تي 5 لٽر پلانٽا ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 463 رپين جو اضافو ڪيو ويو هو. جڏهن ته من پسند ڪوڪنگ آئل جي قيمت 465 روپين تائين وڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ من پسند 5 لٽر ڪوڪنگ آئل ٽن جي قيمت 1245 مان وڌي 1710 رپيا ٿي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button