اسلام آبادپاڪستان

حڪومت طرفان 120 ارب رليف پئڪيج جو اعلان،پيٽرول اڃا مهانگو ڪرڻو پوندو:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اٽي، گيهه ۽ دالين تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 120 ارب رپين جي ماليت جي اها سبسڊي 2 ڪروڙ مستحق خاندانن لاءِ هوندي ۽ 6 مهينن تائين جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته پيٽرول جون قيمتون اسان کي اڃا وڌائڻيون پونديون ڇاڪاڻ ته قيمتون نه وڌائينداسين ته خسارو وڌي ويندو. سياري ۾ گئس جو بحران به جنم وٺڻ وارو آهي. ڪالهه قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ نه پر سموري دنيا ۾ آهي ۽ دنيا ۾ مهانگائي جي شرح 50 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح 9 سيڪڙو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن جي ڏسندي اسان کي ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو. عمران خان چيو ته پاڙيسري ملڪن ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ اٽو 83 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في ڪلو اٽو 60 رپين ۾ ملي رهيو آهي. عوام لاءِ مختلف رليف پئڪيجز ۽ پروگرامز جو اعلان ڪندي هن چيو ته هاڻي ڪامياب پاڪستان پروگرام آڻي رهيا آهيون ۽ 14 سئو ارب رپين جي ماليت واري هن پروگرام تحت غريب ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ، شهرن ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ۽ هارين کي زمينن لاءِ 5-5 لک رپين جا بنا وياج قرض ڏنا ويندا. وزيراعظم نوجوانن جي تعليم لاءِ 60 لک اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ۽ چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو رليف پئڪيج آهي. عمران خان هيلٿ ڪارڊز جو دائرو وڌائڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت کي به هي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻيا صوبا پاڻ هيلٿ ڪارڊز جاري ڪرڻ وارا منصوبا هلائي رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ هر خاندان جي هڪ فرد کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ملندو. وزيراعظم مهانگائي جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت اپوزيشن رستن تي نڪتل آهي، مان ٻن وڏن خاندانن کي درخواست ٿو ڪيان ته هو ڦرلٽ ڪري پرڏيهه اماڻيل رقمن جو اڌ حصو به جيڪڏهن واپس آڻين ته مان کاڌي پيتي وارين شين جي اگهن ۾ اڌ تائين گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪندس. وزيراعظم چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فلاحي پروگرام جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، اسان کي هي ملڪ فلاحي رياست بڻائڻو آهي، احساس پروگرام جي ٽيم 3 سالن ۾ ڊيٽا گڏ ڪئي، ڊيٽا بنا سبسڊي ڏيڻ آسان ناهي. هن چيو حڪومت ملي ته معاشي حالتون تمام خراب هيون، اسان کي قرض موٽائڻو هو پر پئسو نه هو. سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ چين جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي مدد ڪئي نه ته ڏيوالو ٿي وڃي ها، ان باوجود اسان کي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پيو. سندس چوڻ هو ته معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳو ۽ پوءِ ڪرونا اچي ويو، ان نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا کي متاثر ڪيو، پاڪستان بهتر طريقي سان ڪرونا جو مقابلو ڪيو ۽ 8 ارب ڊالر خرچ ڪيا، سڄي دنيا اسان جي تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو آهي، ميڊيا جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي، ان سان معاشي جو فائدو ٿيندو آهي. ميڊيا کي چوان ٿو ته دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي؟ عالمي سطح تي عام واهپي جي شين جا اگهه 50 ۽ پاڪستان ۾ 9 سيڪڙو وڌيا. عمران خان موجب ڀارت ۾ پيٽرول 250 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 200 رپيا لٽر، جڏهن ته پاڪستان ۾ 138 رپيا لٽر آهي، عالمي سطح تي اگهن کي ڏسندي اسان کي پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button