اسلام آبادپاڪستان

نيب طرفان اوڳاڙيل اربين رپيا سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته نيب طرفان ريڪور ڪيل 815 ارب رپيا سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيا آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته نيب مجموعي طور تي 821 ارب 46 ڪروڙ 90 لک رپيا ريڪور ڪيا آهن، 6 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم نان ٽيڪس آمدني تحت وصول ٿي. ناڻي واري وزارت سينيٽ ڪميٽي سامهون اهو به چيو ته باقي فنڊ ڪاڏي ويا؟ ڪٿي استعمال ٿي رهيا آهن؟ ان جو ڪو علم ناهي. هوڏانهن سينيٽر سليم مانڊوي والا صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نيب جو قومي ناڻي ۾ رقم جمع ڪرائڻ جو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت کان سوال ڪيو ويو ته نيب اڄ تائين ڪيتري رقم جمع ڪرائي آهي؟ جنهن تي ناڻي واري وزارت نيب جي ريڪوري بابت وڏو دلچسپ جواب ڏنو آهي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته نيب قومي ناڻي ۾ ڪابه رقم جمع ناهي ڪرائي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته اسان کي صرف ان رقم جي خبر آهي جيڪو اسان نيب کي بجيٽ ڏنو آهي. سليم مانڊوي والا صحافين آڏو سوال ڪيو ته نيب ايتري دعويٰ ڪندو آهي ته اسان ايتري رقم جمع ڪرائي نيب اڄ تائين هڪ رپيو به قومي ناڻي ۾ جمع ناهي ڪرايو. هن چيو ته نيب جنهن رقم جي تفصيل جمع ڪرائي آهي ان ۾ به وڏو تضاد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button