اسلام آبادپاڪستان

نيب چيئرمين هٽائڻ جو اختيار صدر کان واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد :نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار صدر کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پارليامينٽ ذريعي صدر کان نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار واپس وٺندي. حڪومت ٽئين نيب ترميمي آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار صدر کي ڏنو هو. هوڏانهن نيب جو ٽئين ترميمي آرڊيننس اچڻ کانپوءِ نئين نيب چيئرمين جي مقرري جو عمل نومبر جي ٻئي هفتي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين نيب چيئرمين لاءِ صدر اڳ ۾ وزيراعظم کان نيب چيئرمين لاءِ خط ذريعي نالو طلب ڪندو. صدر وزيراعظم کان وصول نالو مخالف ڌر اڳواڻ کي موڪليندو، نالن تي اتفاق نه ٿيو ته مقرري جو معاملو پارليامينٽ ڪميٽي ڏانهن ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button