سنڌ

پڊعيدن ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ پيرسن قتل

پڊعيدن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد راڄپر ۾ ھٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري 55 ورهين جي ولي محمد راڄپر کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پڊعيدن پوليس واقعي واري جا تي پهچي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر لاش جو پوسٽ مارٽم کان پو وارثن حوالي ڪيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته پيرسن کي ڇاتي ۾ ھڪ گولي لڳل آھي، جنهن ڪري موت واقع ٿيو آھي، جڏهن ته اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏيڻ سبب وارثن پيرسن جو لاش لوڊر رڪشا تي ڳوٺ کڻائي ويا. ٻئي طرف واحد بخش راڄپر، غلام علي ۽ دلمراد راڄپر ٻڌايو ته پراڻي دشمني جي ڪري اسان جي پيرسن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي، پر پوليس ڪيس داخل نه ڪري رهي آھي، اسان سان انصاف ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button