سنڌ

حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين خاموش نه ويهنداسين:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي مختلف يوسيز جي عهديدارن پنهنجن علائقن ۾ الڳ الڳ ڪوٺايل اجلاسن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته 29 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ مهانگائي ۽ غربت خلاف لڳايل ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پارٽي جي ورڪرن جو وڏو هٿ آهي. هن چيو ته عمران خان يو ٽرن وٺڻ وارو شخص آهي، جنهن جي ڳالھه تي ڪو اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ظالم معاشي حالتون پيدا ڪندڙ خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين ماٺ ڪري نه ويهنداسين. هن چيو ته عوام کي ڪوڙو ۽ دوکيباز وزيراعظم نه گهرجي، جيڪو 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي دعوى ڪري پر ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل مطابق موجوده حڪومتي دور ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته 50 لک گهر ڏيڻ واري خان صاحب ڪراچي کان ڪشمير تائين هزارين گهر ڊاهي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي،بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن مان بجيٽ جي مخالفت پيو ڪريان ته عمران خان چيو هو ته هاڻي معاشي ترقي جو دور شروع ٿي چڪو آهي پر هاڻي عمران ٻڌائي ته اهو دور ڪاڏي ويو؟. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي تاريخي احتجاج کانپو خان صاحب قوم کي خطاب ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، هن چيو ته جڏهن گئس جون قيمتن 300 سيڪڙو ۽ گيهه جون قيمتون 110 سيڪڙو، ٽن سالن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 60 سيڪڙو، کنڊ جي قيمتن ۾ 80 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ته عوام 30 سيڪڙو رليف جو ڇا ڪندو؟ اڄ وزيراعظم سعودي امداد تي خوش ٿي رهيو آهي جڏهن ته پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامين جو الزام گذريل حڪومتن تي هڻي رهيو آهي، هن چيو ته عمران جي اڄوڪي خطاب ۽ اعلان جو حشر به گذريل اعلانن وانگر ئي ٿيندو، هن چيو ته عمران جو رليف عوام لا نه پر ڪجهه خاندانن لا آهي جڏهن ته ايمنسٽي اسڪيمن جو اعلان ڪرڻ واري حڪومت وٽ عوام جي بهبود لا ڪو منصوبو ئي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button