سنڌ

ڏهرڪي ۾ 3 ٻارڙا پراسرار نموني گم، پوليس جو مدد ڪرڻ کان انڪار

ڏهرڪي ۾ اسڪول ويندڙ ٽائون ڪاميٽي جي ملازم شفيق عرف ڍولو مسيح جا ٽي ٻار 13 سالن جي ڌي اينجل، 7 سالن جو عدنان ۽ 5 سالن جي يرميا پراسرار نموني رستي مان گم ٿي ويا، ٻارن جي گهر نه پهچڻ تي وارثن ڳولا ڪئي پر ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو، جنهن بعد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي. جڏهن ته پوليس ٻارن کي ڳولي ڏيڻ بدران مائٽن ۾ ڳولا جو چئي گهر موڪلي ڇڏيو، جنهن خلاف ملازم شفيق عرف ڍولو مسيح احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ڌي اينجل، پٽ عدنان ۽ يرميا صبح سوير تيار ٿي اسڪول ويا پر موڪل کان پو به واپس نه موٽيا آهن، اهڙي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر ايس ايڇ او مدد ڪرڻ بدران مائٽن ۾ ٻارن کي ڳولڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته سندس اغوا ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button