سنڌ

سنڌ ۾ تعليم کي چئلينجز موجود آهن:سردار شاهه

لاڙڪاڻي ۾ نامور تعليمدان ۽ اديب پروفيسر مختيار سمون جي لکيل ڪتاب ” دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)“ جي مهورتي تقريب ٿي جنهن ۾ صدارتي تقرير ڪندي تعليم ۽ ثقافت جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته مختيار سمون پنهنجي علم، قلم ۽ عملي ڪوششن ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ڪري ٿو جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. سندس لکيل هي ڪتاب نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا دڳ ڏسي ٿو ۽ اتساهه ڏئي ٿو. اسان کي سماج ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ رول ماڊل کپن، جن جي نقش قدم تي هلي نئون نسل ڪاميابيون ماڻيندو. علم ٻولي جو محتاج نه هوندو آهي، اهو جنهن به ٻولي ۾ موجود هجي حاصل ڪرڻ گهرجي. اڄڪلهه چائنيز ٻولي مارڪيٽ جي گهرج ٿيندي پئي وڃي جيڪڏهن هتان جي نوجوانن کي چائيز ٻولي سيکارڻ جو بندوبست ڪجي ته انهن لاءِ چين سان گڏ، سي پيڪ، ٿر ڪول ۽ اهڙن ٻين ادارن ۾ تمام گهڻا روزگار جا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم کي چئنلجز موجود آهن جن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. نصابي ڪتابن ۾ غلطين جي تصحيح، اصلاح ۽ انهن ۾ واڌارو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سنڌ بنيادي طور تي خوشحال ۽ سکيو ستابو خطو رهيو آهي جنهن ڪري هتان جي ماڻهو گهٽ ٻاهر نڪرندا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button