سنڌ

پريالو ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

پريالو ڀرسان پراڻي خوني تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن. خبر موجب موجب ڪالهه صبح جو سوير پريالو ڀرسان سکر پريالو روڊ تي ڳاڙهي موري جي نيئن پل وٽ سکر کان ڪوٽ مير محمد ويندڙ موٽرسائيڪل سوار انور علي خروس ۽ مستري قربان علي ڀيو جي پٺيان ايندڙ موٽرسائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن کين روڪي مٿن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جنهن بعد هٿياربند خوشي مان نعرا هڻندا فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پريالو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري پهچايا. جڏهن ته اطلاع تي ٻنهي مقتولن جا وارث پڻ رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري پهچي ويا، جتي ٻنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد انور علي خروس جو لاش سندس پٽ عبدالرحيم خروس ۽ مستري قربان علي ڀيو جو لاش سندس ڀا دلشاد ڀيو وصول ڪيو، جڏهن ته ٻنهي مقتولن جا لاش بچل شاهه مياڻي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ مقتول انور علي خروس جي پٽ عبدالرحيم خروس صحافين کي ٻدايو ته سندس پيءَ مقتول انور علي ڪوٽ ميرمحمد ۾ زمين تي لڳل مشين ٺهرائڻ لا مستري کي وٺي وڃي رهيو هو ته پراڻي خوني تڪرار تان مخالفن حملو ڪري بابا ۽ مستري قربان ڀيو کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button