سنڌ

ڪنڊيارو ۾ جهيڙي دوران زخمي نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو

ڪنڊيارو جي ميمڻ محلي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران زخمي ٿيل نديم ڪلهوڙو زخمن جا سور نه سهندي نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو. وراثن چيو ته ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن بعد ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر حفيظ عباسي ۽ سي آءِ انچارج يار محمد رند پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ٻئي طرف مقتول جي ڀا اسد الله ڪلهوڙو جي فرياد تي گذريل رات دير سان جوابدار اعجاز ۽ رمضان سميت 10 سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس مطابق زخمي جي فوت ٿيڻ بعد ڪيس ۾ قتل جو قلم شامل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button