سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جي برطرف ملازم جو بحالي لا احتجاج

لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي جي رهواسي سيپڪو جي برطرف ملازم بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهباز علي جتوئي دانهيندي چيو ته منهنجو والد امداد حسين واپڊا ۾ پٽيوالو هو، جيڪو 2018ع دوران فوت ٿي ويو، جنهن بعد مون کي واپڊا ۾ چوڪيداري ملي، جنهن بعد منهنجي ما جي فوتگي دوران مون کي ريجنل اسٽور لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري سکر آفيس رليو ڪيو ويو، جتي امڙ جي فوتگي سبب ڊيوٽي جوائن نه ڪري سگهيس، جنهن ڪري مون کي نوڪري مان برطرف ڪري پگهارون بند ڪيون ويون. هن چيو ته نوڪري تان برطرفي بعد بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويو آهيان، هن مطالبو ڪيو ته نوڪري تي بحال ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button