سنڌ

مدئجي ۾ هوٽل کي شرپسندن باهه ڏيئي ڇڏي

مدئجي ويجهو نئون امروٽ بس اسٽاپ وٽ قائم ڳوٺاڻي خورشيد دل جي هوٽل کي نامعلوم ماڻهو باهه ڏيئي فرار ٿي ويا. باهه لڳڻ سبب هوٽل ۾ رکيل ايل سي ڊي صندل، بيٽريون، سولر پليٽون، بينچون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هوڏانهن هوٽل مالڪ خورشيد دل دانهيندي چيو ته ڪنهن سان دشمني ناهي، نامعلوم شرپسندن باهه ڏئي لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي. هن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button