سنڌ

شهدادڪوٽ ۾ پوليس پورهيت کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو

شھدادڪوٽ جي غريب آباد محلي جي رھواسي نوجوان احمد علي منگي کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان احمد علي منگي جي ما ليلان منگي، ارشاد بيگم منگي، نسرين منگي، ڪامريڊ حبدار علي ميرجت، آصف علي منگي، فتح محمد سميت ٻين دانهيندي چيو آهي ته نوجوان احمد علي منگي سيلون جي دڪان تي ڪم ڪري رھيو ھو ته ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر ابڙو بنا جواز دڪان تي چڙھائي ڪري پورھيت احمد علي منگي کي دڪان تان کنڀي کڻي وڃي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان احمد علي بابت پوليس اسانکي ڪجهه به ٻڌائڻ لا تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button