سنڌ

وارهه جي اسڪول بلڊنگ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وارهه ويجهو درگاهه جوڻاڻي شريف جي بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف شاگردن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن ٻڌايو ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آھي، بجلي، پاڻي، باٿ روم نه ھجڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رھي آھي. ان موقعي تي ھيڊ ماستر ابو لالا، اشرف علي قريشي، محمد امين ملاڻو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڀرپاسي جي ڳوٺن جا 400 ٻار داخل آھن، فرنيچر ۽ استادن جي گهڻي کوٽ آھي. ھنن ٻڌايو ته 3 استاد رٽائرڊ، هڪ فوت ۽ ٻه بيمار آهن، ان باوجود استاد محنت ڪري رهيا آهن، ھنن ٻڌايو ته ٺيڪدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آھي، جنهن سبب ڏکيائيون ٿي رھيو آھن. باٿ روم جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب شاگرد پريشان آهن، شاگردن چيو ته فرنيچر نه ھجڻ ڪري ھيٺ زمين تي ويھي پڙهي رھيا آھيون. پيئڻ جي پاڻي لا ڏکيائي ٿي رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button