سنڌ

شڪارپور ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پرائمري استاد زال سميت فوت

شڪارپور ويجهو لکي غلام شاهه وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب پرائمري استاد گهرواري سميت فوت ٿي ويو. شڪارپور جا رهواسي زال ۽ مڙس پرائمري استاد 55 ورهين جو غلام سرور ابڙو ۽ سندس گهرواري نسرين ابڙو ڳاهيجا تعزيت ڪرڻ لا وڃي رهيا هئا ته سندن موٽرسائيڪل کي تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ پرائمري استاد غلام سرور ابڙو جي گهرواري نسرين ابڙو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پرائمري استاد غلام سرور ابڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن به زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. پرائمري استاد ۽ سندس زال جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس پٽ بلاول ابڙو حوالي ڪيا ويا. ٻنهي زال ۽ مڙس جا لاش شڪارپور اباڻي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته حادثي جو سبب بڻجندڙ ڪار کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button