سنڌ

جاتي ۾ زميندار ايڪشن ڪميٽي جو مل مالڪن ۽ واپارين خلاف مظاهرو،ڌرڻو

جاتي ۾ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مل مالڪن ۽ سارين جي واپارين جي ناانصافين خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھر جي مين شاھراهه لينڊا واهه موري تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي جاتي – سجاول روڊ جي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن اشرف ٿھيم، نور محمد ٿھيمور، خادم ونگائي، عادل لغاري، عبدالرزاق ٿھيم ۽ ٻين چيو ته جاتي تعلقي ۾ سارين جي پوکي دوران پاڻي جي شديد کوٽ رھي ۽ ھن سال پڇڙي ۾ ساريال جي فصل جي آبادي به گھٽ ٿي آھي. اسان وڏا قرض کڻي ان اميد تي زمينون آباد ڪيون ته سٺا اگھه ٿيندا ۽ جائز حق ملندو پر ساريال جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط مل مالڪن ھڪ ھٽي ڪري سارين جو سرڪاري مقرر ٿيل اگھه ڪيرائي ڇڏيو ۽ 60 ڪلو جي في ٻوري تان چار کان پنج ڪلو غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آھن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button