سنڌ

جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي خلاف واپارين جو احتجاجي مظاهرو

ايس ايس پي ھٽايو شھر بچايو واپارين ٻارھين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي ھٽائڻ لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي ٻارھين ڏينهن به واپارين ۽ شھرين چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، جمال الدين لکڻ، حاجي غلام نبي رند، مولانا عبدالجبار رند، سريچند ڀاوناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صرافه چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ڏوهه صرف ايترو آھي جو اسان ھندو مظلومن مٿان پوليس پاران داخل 6 ڪوڙن ڪيسن خلاف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي آڏو آواز اٿاريو. ھن چيو ته ايس ايس پي جي حڪم تي سٽي پوليس ھندو نوجوان جي پويان ٻه ڪلو چرس هڻي جيل موڪليو اھو ھندو نوجوان ايترو ته غريب ھو جيڪو ماني به مندر ۾ اچي کائيندو ھو، ان وٽ وڪيل ڪرائڻ جا پئسا به ناهن جنهن جي ضمانت رد ٿي چڪي آهي، جيڪو بيگناهه جيل ۾ سڙي رهيو آهي اھا پوليس جي زيادتي آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button