پاڪستانخيبرپختونخوا

آئي ايم ايف پروگرام مجبوري آهي،پنڻ بند ڪرڻو پوندو:وزيراعظم

پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام مجبوري ۾ قبول ڪيو، آخر ڪيستائين آ ايم ايف وٽ ويندا رهنداسين، قرضن مان جند ڇڏائڻ ۽ پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.مُلڪي معاشي صورتحال ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي. پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال گهڻو مشڪل هو. معاشي صورتحال سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. آءِ ايم ايف پروگرام مجبوري ۾ قبول ڪيو، قرضن مان جند ڇڏائڻ ۽ پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو. شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ٻه ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو به ٿورائتو آهيان، هنن به ان سلسلي ۾ وڏي محنت ڪئي. هن چيو ته ماضي مان سبق سکڻو پوندو، روئڻ پٽڻ سان ڪو مُلڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ترقي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، مهانگائي ۾ هوريان هوريان لاٿ آڻينداسين. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جو استقبال ڪيو وڃي ٿو ته استقبال ڪندڙن جا منهن ٻڌائيندا آهن ته هي اچي ويا اسان کان پئسا گهرڻ، جيڪڏهن اسان وقت وڃائڻ بند ڪريون، 9 مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر هميشه لاءِ روڪي ڇڏيون ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي تعليم کي اڳتي وڌائڻو پوندو. اسان ۾ رڳو هڪ شئي جي کوٽ آهي ۽ اها آهي ول ٽوڊو، خيبرپختونخوا پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ليپ ٽاپ صرف ميرٽ تي ملندو سفارش تي هڪ به ليپ ٽاپ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان غذائي تحفظ ۽ زراعت بابت هڪ سيمينار ڪرايو آهي، جيڪڏهن اسان کي قرضن مان جند ڇڏائڻي آهي ۽ پنڻ کي ختم ڪرڻو آهي ته پنهنجي پيرن تي ملڪ کي بيهارڻو پوندو. ملڪ ۾ الله تعاليٰ طرفان معدني شيون ۽ قدرتي وسيلا اڻ ڳڻيا آهن. تقريب کي خيبرپختونخوا جو گورنر، وزيراعظم جي خاص مددگار شزه فاطماه ۽ اميرمقام به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button