اسلام آبادپاڪستان

پي اي سي کي 3 ارب ڊالر بنا وياج قرض کڻندڙ 628 ڄڻن جا نالا نه ٻڌايا ويا

اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ 628 ڄڻن کي 3 ارب ڊالر بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو معاملو بنا ڪنهن ڪارروائي جي اڪلائي ڇڏيو.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 628 ڄڻن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ گورنر ڪميٽي کي ان ڪئميرا اجلاس ۾ تفصيل فراهم ڪيا، تفصيلن ۾ قرض ڏيندڙ بئنڪن جا نالا فراهم نه ڪيا ويا، جڏهن ته قرض وٺندڙ ماڻهن جا نالا به فراهم نه ڪيا ويا، رڳو ڪمپنين جا نالا ظاهر ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل، شگر ملز، ڪيميڪل ۽ آٽو موبائل انڊسٽري کي قرض ڏنا ويا آهن.پي اي سي چيئرمين معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني پر ڪجهه ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ۽ راءِ ڏني ته ان سان صنعتي شعبي تي ناڪاري اثر پوندو. ميمبرن جي مخالفت کانپوءِ ڪميٽي معاملو اڪلائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button