پاڪستانخيبرپختونخوا

دشمن جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي نه ڇڏيو ويندو: آرمي چيف

ڏکڻ وزيرستان: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تائين نه ڇڏيو ويندو ۽ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي به بخش نه ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي عثمان منزه ويجهو شيرونگي جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس استقبال ڪيو. آرمي چيف کي موجوده سيڪيورٽي صورتحال سميت موجوده انٽيليجنس ۽ ڪائونٽر ٽيررزم آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

جنرل عاصم منير علائقي ۾ مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سندن عزم کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪستان ۾ مڪمل امن آڻي ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪيو ويندو ۽ شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ان وقت تائين نه ڇڏبو جيستائين اهي پاڪستان جي رياست آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن علائقي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button