پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر کي پر لڳي ويا،6 رپيا واڌ سان ڊالر 312 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي: اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جاري رهي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا مهانگو ٿي 312 رپين جو ٿي ويو. ان دوران انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هيٺ مٿي ٿيندو رهيو ۽ آخر ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 63 پئسا مهانگو ٿي ويو، جنهن سان ڊالر 299 رپيا 63 پئسا جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ٻئي طرف اربع ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 18 پوائنٽن جي واڌ سان واپار جي شروعات ڪئي جڏهن ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 47436 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. بعد ۾ مارڪيٽ 106 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 0.73 پوائنٽس وڌي 47418 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button